Description:عرضِ حالاِنهيءَ ڪرم ڪندڙ قادر، رحم ڪندڙ رازق، مهر ڪندڙ مالڪ، خلقيندڙ، خدا تعاليٰ ۽ حڪم ڪندڙ حاڪم ۽ اَمر ڏيندڙ الله تعاليٰ جي نالي سان شروع ڪريان ٿو، جنهن سڀني نَبين جي سرتاج، شفاعت جي تاجدار، ڀورن جي ڀتار، يتيمن جي يار، مسڪينن جي مددگار جو اسان کي اُمتي بنايو ۽ تمام سهڻي صورت ڏيئي عظيم زندگيءَ سان نوازي ڪري، هڪ سُهڻو شاداب ۽ سرسبز وطن اسان کي عطا ڪيو. اسان جي هن سنڌ سونهاريءَ ۾ ڪيترن ئي فڪرن جا ماڻهو رهن ٿا، الله تعاليٰ هرهڪ انسان کي ڪونه ڪو هنر، ڪاريگري، فن ۽ فڪر ڏيئي سمجهڻ جي سگهه عنايت ڪئي. پوري انسانذات اشرف المخلوقات آهي ۽ سڀ ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو ڪردار آهي ۽ ڪردار هميشھ زندهه رهندا اچن. اُنهن ۾ ڪي سپوت، ڪي سدورا، ڪي سرويچ، ڪي سرواڻ، ڪي شوقين، ڪي شائق، ڪي شهيد، ڪي شاعر، هرڪو پنهنجو پنهنجو ڪردار ڏيکاري، وارو وَڄائي، وطن ۾ ڪونه ڪو واس ۽ خوشبوءِ پکيڙي پنهنجو زندهه ڪردار ڇڏي ويا. اهڙن ماڻهن ۾ سنڌ سونهاريءَ جا سگهڙ به آهن.سُگهڙ جي لفظي معنيٰ: سوئي گهڙي، ڪا شيءِ تيار ڪرڻ، سُٺي گهڙ، سُٺو گهاڙيٽو، لفظن جو گهاڙيٽو، ٻولن جو گهاڙيٽو، سُونهن گهڙ يعني سُهڻي شاعري، سُٺي سگهڙائپ، سُٺو ڳُڻ، سُٺو گُن، سوين گهڙت، سٺي چونڊ، سوين نمونا گهڙت ڪندڙ کي سگهڙ چئبو آهي. سگهڙ اُهي آهن، جيڪي مجلس جا مور، محفل جا مانائتا، ڪچهريءَ جا ڪَهيا ۽ ڪوڏيا، صحبت جا سِياڻا، ادبَ جا عادي، رنگ جا رسيلا، ريجهائڻ جا راڳي، ڳالهائڻ جا ڳُوڙها، گُفتگو جا گوهر، هدايت جا حاڪم، پيار جا پارکو، پريت جا پُختا، محبت جا مالڪ، وکر جا وينجهار، اُلفت جا اُڪيچار، سنگت جا سچار، دوستيءَ جا داناءُ، ڀائپي جا ڀلا، مائٽيءَ جا مِٺا، ريتن ۽ رسمن جا راکا، سماج کي سنواريندڙ، ثقافت جا سانڍيندڙ، مُعاشري جا مُحافظ، ديس جا دودا، ساڻيهه جا سورما، عشق جا انداز بيان ڪندڙ، لئون جي لوري ڏيندڙ، سُرت کي سينڍ (سجاڳي) ڏيندڙ، نِرت کي نِينڍ (دعوت) ڏيندڙ، تخليق جا تارو، ٻوليءَ جا بچائو، فن جا فرمانبردار، بحر و وزن جا بادشاهه، تشبيهن جا توريندڙ، اشتقاقن جا اُڻيندڙ، لفظن جا لحاظي ۽ لئون پيدا ڪندڙ، اَکرن جا اَڪابر، پڙهڻ جا پاڳي، ڏورن جا ڏاها، سينگار ۾ سُرائتا، ڳُجهارتن جا ڳولائو، هُنر جا هوشيار، ٻولن جا ٻيجارو، لباس ۾ لاکيڻا، سنڌي ٽوپيءَ جا ٽنڊيلا، پٽڪي جا پڳدار، صورت ۾ سُٺا ۽ مِٺا آهن، سگهڙ سنڌ جي سُونهن آهن، سنڌ جي بهترين سگهڙ، استاد جلال کٽي ڪئين جوهر ڏيکار، ٻيڙي فقير جا ٻول مشهور آهن، عبدالرحمان مهيسر جو انداز نِرالو هو، ملوڪ عباسي سنڌ ملوڪ سگهڙ هو. امين سنياسي الفاظن جو امين هو، بهار ٻرڙو به رنگ رَچائي ويو. عبدالرحمان مهيسر جي اوطاق اڄ به سندس اولاد آباد رکيو اچي. ملوڪ عباسيءَ جا پويان محفلون جاري رکيو اچن، لقمان کوکر جا لفظ نرالا، وريام شيخ جو وينجهار واهوا وڻي پيو، محمد مٺل جهتيال جي لفظن ۾ ميٺاس آهي، جاکوڙي سگهڙن ۾ خليل الرحمان مهيسر، ممتاز عباسي، لالڻ شر، جُمن ڀٽي، علي گل ڀٽي، بدرالدين ڪيهر، ارشاد عرضائي، گل حسن گل ملڪ، شاد گوپانگ، الهڏنو بروهي، ايوب واهوچو، الهه ڏنو هانڀي اهي سڀ جاکوڙي ۽ ڪم ڪندڙ سگهڙ آهن، پٺاڻ مهر، فيض محمد جسڪاڻي، لاڙ جو عبدالقادر کٽي، حاجن پنهور، استاد شورو صاحب به وڏا ڪم ڪندڙ ماڻهو آهن. سگهڙن کي گڏ ڪري مانُ ڏيندڙ مولا بخش شيدي به محبتي سگهڙ آهي، جيڪو ڪنهن کان به لِڪل ناهي. ضلعي ٿرپارڪر ۾ سگهڙ ڪچهري ڪرائيندڙ در محمد ڪمال به ڪمال جو ماڻهو هو. فقير هدايت علي رڏ سندس پٽ حسين بخش رڏ به پنهنجو پاڻ ملهايو. صادق ٿهيم، روشن الدين ۽ شمس الدين اهي ٽنڊي آدم جا سگهڙ هئا. صادق ٿهيم وڏو سخندان ۽ پهرين جوڙ جو سگهڙ هو. الله تعاليٰ جي ڪلام جو قاري، نبي سائينءَ جو نعت خوان، سگهڙن جي سنڀال ڪندڙ، سگهڙن لاءِ اخبارن ۽ مقالن ۾ متعارف ڪرائيندڙ، عاجزي اَپنائيندڙ اسان جي سلات تنظيم جي باني عاجز رحمت الله لاشاري به وڏو ڪم ڪيو آهي. حاجي احمد خان ڀرڳڙي ساماري لڳ وڏو سخي ۽ سگهڙن جو قدر ڪندڙ ماڻهو آهي. پاڻ سدائين پنهنجي اوطاق تي سگهڙ گهرائيندو رهندو آهي ۽ وڏو داد ڏيندو آهي. عمرڪوٽ لڳ پلي قوم جي معزز شخصيت معمور يوسفاڻي به سگهڙن جو وڏو صلاحڪار، اديب، ليکڪ ۽ سُڌ ٻُڌ وارو ماڻهو هو، سندس فرزند ڊاڪٽر اسد پلي به وڏو محقق ۽ سگهڙائپ جي ڄاڻ رکندڙ آهي، لطيف سرڪار جو پارکو ۽ گنج ترتيب ڏيندڙ حاجي الهداد جنجهي چوڪ جو چٽو ۽ پڙهڻ ۾ تمام پُختو هو، سندس اولاد ۾ نعمت الله جنجهي ۽ نياز احمد جنجهي به ڀلوڙ سگهڙ آهن. ادب تي وڏو ڪم ڪندڙ لطيف سرڪار سان لئون رکندڙ سنڌي ٻوليءَ جو ٻاجهارو، اسان جي نيڻن جو نور سائين نور احمد جنجهي به وڏي ڄاڻ رکندڙ شخصيت جو مالڪ آهي. ڇاڇرو ۾ ڊاڪٽر محمد خان چوهاڻ ننگرپارڪر محمد رحيم راهمون موکائي جا ٿيٻا، غلام رحيم ٿيٻو وارا، ڪرنور ۾ ساهڙ ٿيٻو ۽ مارو ٿيٻو وڏا نالي وارا سگهڙ ٿي گُذريا آهن. وير واهه جا سما به سُٺا سگهڙ ۽ مولودي آهن.ڏيپلو ۾ ارباب اسد الله ۽ ارباب رياض احمد راهمون وارا به محفلون ڪرائيندا آهن، سگهڙ ريگستاني لطيف سرڪار جو وڏو ڄاڻو ۽ تمام گهڻو خزانو ياد آهي. سانگهڙ ۾ خير محمد خاصخيلي، خير محمد مري، ماڻڪ خان مري، محمد اسماعيل مري ۽ ٻيا کوڙ سارا سگهڙ محفلون مچائي رهيا آهن، موري جو مور ۽ نوشهري جو نانءُ نالي وارو سگهڙ رحمت الله عباسي به لفظن کي لڙي ۾ پِرويا آهن. سيد گل محمد شاهه بخاري پنهنجو مَٽ پاڻ آهي. سگهڙ تاج محمد هاليپوٽو سينگار شاعريءَ جو تمام ماهر آهي. پُراڻي دؤر ۾ محمد مريد جت، جلال ڀٽو، جلال رنگريز ۽ جانڻ کٽي مشهور هئا، ڪچهري جي قربدار ۽ مجلس جا مور ماڻهو فقير غلام حيدر نظاماڻي پاڻ ڳالهائڻ ۾ ڳُوڙهو، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو، سندس ٻوليءَ ۾ ميٺاس سمايل هو. پوري عمر لطيف سرڪار ئي پڙهندي پوري ڪيائين. سندس پُٽن ۾ فقير علي ڏنو نظاماڻي هر سال آل سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ڪوٺائيندو آهي. سندس ڀاءُ يعني فقير غلام حيدر نظاماڻي جو ننڍو پُٽ حاجن خان نظاماڻي به راڳ جو ماهر ۽ لطيف سرڪار جو وڏو پارکو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪنهن کان به لِڪل ناهي، پاڻ هر سال هڪ ڀيرو يا ٻه ڀيرا ٿر ضرور اين...We have made it easy for you to find a PDF Ebooks without any digging. And by having access to our ebooks online or by storing it on your computer, you have convenient answers with Jhangyun Je Jhongar (Poetry). To get started finding Jhangyun Je Jhongar (Poetry), you are right to find our website which has a comprehensive collection of manuals listed. Our library is the biggest of these that have literally hundreds of thousands of different products represented.
Description: عرضِ حالاِنهيءَ ڪرم ڪندڙ قادر، رحم ڪندڙ رازق، مهر ڪندڙ مالڪ، خلقيندڙ، خدا تعاليٰ ۽ حڪم ڪندڙ حاڪم ۽ اَمر ڏيندڙ الله تعاليٰ جي نالي سان شروع ڪريان ٿو، جنهن سڀني نَبين جي سرتاج، شفاعت جي تاجدار، ڀورن جي ڀتار، يتيمن جي يار، مسڪينن جي مددگار جو اسان کي اُمتي بنايو ۽ تمام سهڻي صورت ڏيئي عظيم زندگيءَ سان نوازي ڪري، هڪ سُهڻو شاداب ۽ سرسبز وطن اسان کي عطا ڪيو. اسان جي هن سنڌ سونهاريءَ ۾ ڪيترن ئي فڪرن جا ماڻهو رهن ٿا، الله تعاليٰ هرهڪ انسان کي ڪونه ڪو هنر، ڪاريگري، فن ۽ فڪر ڏيئي سمجهڻ جي سگهه عنايت ڪئي. پوري انسانذات اشرف المخلوقات آهي ۽ سڀ ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو ڪردار آهي ۽ ڪردار هميشھ زندهه رهندا اچن. اُنهن ۾ ڪي سپوت، ڪي سدورا، ڪي سرويچ، ڪي سرواڻ، ڪي شوقين، ڪي شائق، ڪي شهيد، ڪي شاعر، هرڪو پنهنجو پنهنجو ڪردار ڏيکاري، وارو وَڄائي، وطن ۾ ڪونه ڪو واس ۽ خوشبوءِ پکيڙي پنهنجو زندهه ڪردار ڇڏي ويا. اهڙن ماڻهن ۾ سنڌ سونهاريءَ جا سگهڙ به آهن.سُگهڙ جي لفظي معنيٰ: سوئي گهڙي، ڪا شيءِ تيار ڪرڻ، سُٺي گهڙ، سُٺو گهاڙيٽو، لفظن جو گهاڙيٽو، ٻولن جو گهاڙيٽو، سُونهن گهڙ يعني سُهڻي شاعري، سُٺي سگهڙائپ، سُٺو ڳُڻ، سُٺو گُن، سوين گهڙت، سٺي چونڊ، سوين نمونا گهڙت ڪندڙ کي سگهڙ چئبو آهي. سگهڙ اُهي آهن، جيڪي مجلس جا مور، محفل جا مانائتا، ڪچهريءَ جا ڪَهيا ۽ ڪوڏيا، صحبت جا سِياڻا، ادبَ جا عادي، رنگ جا رسيلا، ريجهائڻ جا راڳي، ڳالهائڻ جا ڳُوڙها، گُفتگو جا گوهر، هدايت جا حاڪم، پيار جا پارکو، پريت جا پُختا، محبت جا مالڪ، وکر جا وينجهار، اُلفت جا اُڪيچار، سنگت جا سچار، دوستيءَ جا داناءُ، ڀائپي جا ڀلا، مائٽيءَ جا مِٺا، ريتن ۽ رسمن جا راکا، سماج کي سنواريندڙ، ثقافت جا سانڍيندڙ، مُعاشري جا مُحافظ، ديس جا دودا، ساڻيهه جا سورما، عشق جا انداز بيان ڪندڙ، لئون جي لوري ڏيندڙ، سُرت کي سينڍ (سجاڳي) ڏيندڙ، نِرت کي نِينڍ (دعوت) ڏيندڙ، تخليق جا تارو، ٻوليءَ جا بچائو، فن جا فرمانبردار، بحر و وزن جا بادشاهه، تشبيهن جا توريندڙ، اشتقاقن جا اُڻيندڙ، لفظن جا لحاظي ۽ لئون پيدا ڪندڙ، اَکرن جا اَڪابر، پڙهڻ جا پاڳي، ڏورن جا ڏاها، سينگار ۾ سُرائتا، ڳُجهارتن جا ڳولائو، هُنر جا هوشيار، ٻولن جا ٻيجارو، لباس ۾ لاکيڻا، سنڌي ٽوپيءَ جا ٽنڊيلا، پٽڪي جا پڳدار، صورت ۾ سُٺا ۽ مِٺا آهن، سگهڙ سنڌ جي سُونهن آهن، سنڌ جي بهترين سگهڙ، استاد جلال کٽي ڪئين جوهر ڏيکار، ٻيڙي فقير جا ٻول مشهور آهن، عبدالرحمان مهيسر جو انداز نِرالو هو، ملوڪ عباسي سنڌ ملوڪ سگهڙ هو. امين سنياسي الفاظن جو امين هو، بهار ٻرڙو به رنگ رَچائي ويو. عبدالرحمان مهيسر جي اوطاق اڄ به سندس اولاد آباد رکيو اچي. ملوڪ عباسيءَ جا پويان محفلون جاري رکيو اچن، لقمان کوکر جا لفظ نرالا، وريام شيخ جو وينجهار واهوا وڻي پيو، محمد مٺل جهتيال جي لفظن ۾ ميٺاس آهي، جاکوڙي سگهڙن ۾ خليل الرحمان مهيسر، ممتاز عباسي، لالڻ شر، جُمن ڀٽي، علي گل ڀٽي، بدرالدين ڪيهر، ارشاد عرضائي، گل حسن گل ملڪ، شاد گوپانگ، الهڏنو بروهي، ايوب واهوچو، الهه ڏنو هانڀي اهي سڀ جاکوڙي ۽ ڪم ڪندڙ سگهڙ آهن، پٺاڻ مهر، فيض محمد جسڪاڻي، لاڙ جو عبدالقادر کٽي، حاجن پنهور، استاد شورو صاحب به وڏا ڪم ڪندڙ ماڻهو آهن. سگهڙن کي گڏ ڪري مانُ ڏيندڙ مولا بخش شيدي به محبتي سگهڙ آهي، جيڪو ڪنهن کان به لِڪل ناهي. ضلعي ٿرپارڪر ۾ سگهڙ ڪچهري ڪرائيندڙ در محمد ڪمال به ڪمال جو ماڻهو هو. فقير هدايت علي رڏ سندس پٽ حسين بخش رڏ به پنهنجو پاڻ ملهايو. صادق ٿهيم، روشن الدين ۽ شمس الدين اهي ٽنڊي آدم جا سگهڙ هئا. صادق ٿهيم وڏو سخندان ۽ پهرين جوڙ جو سگهڙ هو. الله تعاليٰ جي ڪلام جو قاري، نبي سائينءَ جو نعت خوان، سگهڙن جي سنڀال ڪندڙ، سگهڙن لاءِ اخبارن ۽ مقالن ۾ متعارف ڪرائيندڙ، عاجزي اَپنائيندڙ اسان جي سلات تنظيم جي باني عاجز رحمت الله لاشاري به وڏو ڪم ڪيو آهي. حاجي احمد خان ڀرڳڙي ساماري لڳ وڏو سخي ۽ سگهڙن جو قدر ڪندڙ ماڻهو آهي. پاڻ سدائين پنهنجي اوطاق تي سگهڙ گهرائيندو رهندو آهي ۽ وڏو داد ڏيندو آهي. عمرڪوٽ لڳ پلي قوم جي معزز شخصيت معمور يوسفاڻي به سگهڙن جو وڏو صلاحڪار، اديب، ليکڪ ۽ سُڌ ٻُڌ وارو ماڻهو هو، سندس فرزند ڊاڪٽر اسد پلي به وڏو محقق ۽ سگهڙائپ جي ڄاڻ رکندڙ آهي، لطيف سرڪار جو پارکو ۽ گنج ترتيب ڏيندڙ حاجي الهداد جنجهي چوڪ جو چٽو ۽ پڙهڻ ۾ تمام پُختو هو، سندس اولاد ۾ نعمت الله جنجهي ۽ نياز احمد جنجهي به ڀلوڙ سگهڙ آهن. ادب تي وڏو ڪم ڪندڙ لطيف سرڪار سان لئون رکندڙ سنڌي ٻوليءَ جو ٻاجهارو، اسان جي نيڻن جو نور سائين نور احمد جنجهي به وڏي ڄاڻ رکندڙ شخصيت جو مالڪ آهي. ڇاڇرو ۾ ڊاڪٽر محمد خان چوهاڻ ننگرپارڪر محمد رحيم راهمون موکائي جا ٿيٻا، غلام رحيم ٿيٻو وارا، ڪرنور ۾ ساهڙ ٿيٻو ۽ مارو ٿيٻو وڏا نالي وارا سگهڙ ٿي گُذريا آهن. وير واهه جا سما به سُٺا سگهڙ ۽ مولودي آهن.ڏيپلو ۾ ارباب اسد الله ۽ ارباب رياض احمد راهمون وارا به محفلون ڪرائيندا آهن، سگهڙ ريگستاني لطيف سرڪار جو وڏو ڄاڻو ۽ تمام گهڻو خزانو ياد آهي. سانگهڙ ۾ خير محمد خاصخيلي، خير محمد مري، ماڻڪ خان مري، محمد اسماعيل مري ۽ ٻيا کوڙ سارا سگهڙ محفلون مچائي رهيا آهن، موري جو مور ۽ نوشهري جو نانءُ نالي وارو سگهڙ رحمت الله عباسي به لفظن کي لڙي ۾ پِرويا آهن. سيد گل محمد شاهه بخاري پنهنجو مَٽ پاڻ آهي. سگهڙ تاج محمد هاليپوٽو سينگار شاعريءَ جو تمام ماهر آهي. پُراڻي دؤر ۾ محمد مريد جت، جلال ڀٽو، جلال رنگريز ۽ جانڻ کٽي مشهور هئا، ڪچهري جي قربدار ۽ مجلس جا مور ماڻهو فقير غلام حيدر نظاماڻي پاڻ ڳالهائڻ ۾ ڳُوڙهو، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو، سندس ٻوليءَ ۾ ميٺاس سمايل هو. پوري عمر لطيف سرڪار ئي پڙهندي پوري ڪيائين. سندس پُٽن ۾ فقير علي ڏنو نظاماڻي هر سال آل سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ڪوٺائيندو آهي. سندس ڀاءُ يعني فقير غلام حيدر نظاماڻي جو ننڍو پُٽ حاجن خان نظاماڻي به راڳ جو ماهر ۽ لطيف سرڪار جو وڏو پارکو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪنهن کان به لِڪل ناهي، پاڻ هر سال هڪ ڀيرو يا ٻه ڀيرا ٿر ضرور اين...We have made it easy for you to find a PDF Ebooks without any digging. And by having access to our ebooks online or by storing it on your computer, you have convenient answers with Jhangyun Je Jhongar (Poetry). To get started finding Jhangyun Je Jhongar (Poetry), you are right to find our website which has a comprehensive collection of manuals listed. Our library is the biggest of these that have literally hundreds of thousands of different products represented.